نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن با اثرن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Naabshah-Qabze-Protest-25117

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن با اثرن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، سندن چوڻ آهي ته با اثرن کان خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڳوٺ جئيندو ميراسي ديهه 50 داد جي رهواسين غلام نبي ميراسي، غلام عباس، سيد غلام علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته غلام حسين رند، طارق وساڻ، وڪيل رند، رفيق رند ۽ بلاول اسان جي پلاٽ  تي زبردستي قبضو ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن مان اسان کي خطرو آهي.

هنن ڊي سي شهيد بينظير آباد ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ ميونسپل ڪميٽي چئيرمين عظيم مغل کان مطالبو ڪيو ته سندن پلاٽ تي ٿيل قبضو ڇڏرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*