سنڌ ۾ گذريل رات کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

Nawabshah-Rain-25117

سنڌ ۾ گذريل رات کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايران کان ايندڙ برساتن جو سلسلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، جڏهن ته بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ برفباري به ٿيندي.

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ گذريل رات دير سان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن بعد ٿڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌي اچي وئي آهي.

مٺي، سامارو، ڪوٽ غلام محمد، نئون ڪوٽ، ماتلي، کوسڪي، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايران کان ايندڙ برساتن جو سلسلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، جڏهن ته بلوچستان جي ڪوئيٽا، قلات ۽ زوب ڊويزنن ۾ برفباري جو پڻ امڪان آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*