پاڪستان برطانيا ۾ متحده باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ختم ڪرڻ تي خدشا ۽ ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

money-laundering-case-uk-25117

پاڪستان برطانيا ۾ متحده باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ختم ڪرڻ تي خدشا ۽ ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزارت برطانيا ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته متحده باني خلاف ڪيسز جي جاچ دوران برطانيا ۾ هٿ آيل شاهديون پاڪستان سان شيئر ڪيون وڃن.

وفاقي گهرو وزير برطانوي گهرو وزارت کي خط لکي متحده باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ختم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي گهرو وزارت پنهنجي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان متحده باني خلاف جيڪي شاهديون موڪليون هيون اهي تمام گهڻيون اهم هيون.

گهرو وزارت جي خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته برطانيا متحده باني خلاف هلايل ڪيسز ۾ جيڪي برطانيا ۾ شاهديون گڏ ڪيون هيون اهي پاڪستان سان سان شيئر ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*