پاڪستان ۾ هڪ ئي فرشتو پئدا ٿيو آهي، جنهن جو نالو عمران خان آهي، وفاقي وزير احسن اقبال

Ahsan-Iqbal-25117

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته، پاڪستان ۾ هڪ ئي فرشتو پئدا ٿيو آهي، جنهن جو نالو عمران خان آهي، عمران خان کي پاناما معاملي تي هڪ به ثبوت نه مليو آهي، معاملو عدالت ۾ آهي ان تي نه ڳالهائيندس.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال وڌيڪ چيو ته،ڪجهه سياستدان پنهنجن ناڪامين سبب عوام کي مايوسين ڏانهن ڌڪي رهيا آهن ۽ ان ڪري ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته، ملڪ ۾ ترقي لاءِ مضبوط سياسي صورتحال جو هجڻ ضروري آهي ۽ ائين نه ٿيو ته، اربين ڊالرز جي سيپڙپڪار ڳچيءَ جو پٽو  بڻجي ويندي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته، عمران خان پنهنجي مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو اڃا تائين هڪ به ثبوت عدالت نه کڻي ويو آهي، صرف الزام آهن، جن کي روز ورجايو پيو وڃي.

هن چيو ته سِي پَيڪ منصوبي دشمنن جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ان منصوبي تي صوبن ۽ وفاق کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چيني قيدين جي حوالي سان ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*