وزيراعظم نواز شريف سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي غير سرڪاري ماڻهن کي پروٽوڪول ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف، سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي غير سرڪاري ماڻهن کي پروٽوڪول ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي،  ان سلسلي ۾ ايئرپورٽس اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ميان نواز شريف، ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور سميت سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي غير سرڪاري ماڻهن کي پروٽوڪول ڏيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي.

وزيراعظم، غير سرڪاري ماڻهن کي پروٽوڪول ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي غير سرڪاري ماڻهو ايئرپورٽس تي پروٽوڪول  حاصل  نه  ڪندا.

وزيراعظم جي اهڙي حڪمن بابت اي ايس ايف، آءِ ايف اي ۽ سول ايويئيشن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*