ڪينجهر ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ فراهم ٿيندڙ پاڻي زهريلو بڻجي وڃي ٿو حليم عادل شيخ

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪينجهر ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ خلاف حليم عادل شيخ جي درخواست تي انوائرمينٽل پروٽيڪشن کاتي جي سيڪريٽري کي طلب  ڪري ورتو آهي.

جسٽس  نيم اختر ۽ جسٽس ممتاز جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قاف ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، حڪومتي ڌر جو ڪو عملدار پيش نه ٿيو.

درخواست گذار جو موقف آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڪراچي، ڄامشورو ۽ ٺٽي ۾ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.

عدالت انوائرمينٽل پروٽيڪشن کاتي جي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ جي چيو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب ڪراچي، ڄامشورو ۽ ٺٽي ۾ پيئڻ لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي زهريلو بڻجي وڃي ٿو.

هن چيو ته هنن انساني جانيون بچائڻ ۽ حڪومتي نااهلي عوام آڏو آڻڻ لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو آهي، اميد آهي ته انصاف ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*