گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو ناهي ٿيو, اياز صادق

Ayaz-Sadiq-27117

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو ناهي ٿيو.

قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته ايوان ۾ صورتحال خراب ڪرڻ ۾ ٻنهي طرفن کان غلطيون ٿيون آهن.

هن چيو ته سڀني جي راءِ هئي ته ايوان ۾ نعريبازي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

 اياز صادق چيو ته هاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تي ٿيندو.

 اجلاس ۾  شاهه محمود قريشي، نويد قمر، اعجازالحق، شرين مزاري، غوث بخش مهر، زاهد حامد ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

 پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي عملدارن پاران گذريل ڏينهن ٿيل جهيڙي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*