سنڌ سرڪار مڪاني ادارن واري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته سموريون ڀرتيون قانون مطابق ڪيون ويون آهن

Govt-Of-Sindh-181016

سنڌ سرڪار مڪاني ادارن واري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته سموريون ڀرتيون قانون مطابق ڪيون ويون آهن، ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا ويا هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي درخواستگذار کي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني ادارن ۾ ملازمن جي غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ سرڪار عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو ته مڪاني ادارن ۾ قانون مطابق ڀرتيون ڪيون آهن.

سنڌ سرڪار جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته مڪاني ادارن ۾ ملازمن جي ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا ويا هئا.

عدالت سنڌ سرڪار جي جواب جمع ڪرائڻ بعد درخواستگذار بشير عباسي کي طلب  ڪندي ٻڌڻي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*