سنڌ جي رانديگرن سان پي سي جون زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون, سردار محمد بخش مهر

sardar-mohammad-bux-khan-mahar-27117

سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ جي رانديگرن سان پي سي جون زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ راندين جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون، سنڌ سطح تي ٽيم جوڙي پي سي سان قومي ٽيم جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لاهينداسين.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ گهڻو ٽينلينٽ هجڻ باوجود پي سي بي انهن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، پنجاب جي وزير کي پش اپ لاءِ چيلينج ڪيو هو پر هو ڀڄي ويو.

هن چيو ته تمام جلد سنڌو درياهه ۾ واٽر اسپورٽس ڊي ملهايو ويندو جنهن ۾ پاڻي جون رانديون ٿينديون ۽ گهوٽڪي کان سکر ۾ ميراٿن ريس منعقد ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وومين جمز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته قطر جو انٽرنيشنل جمناسٽڪ رانديگر  محمد سمير احمد کي ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*