مدئجي ۾ سيپڪو عملدارن بجلي باقيدارن خلاف آپريشن ڪندي رهتون ادا نه ڪندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

MEDEJI-HESCO-AMALDARAN-27117

مدئجي ۾ سيپڪو عملدارن بجلي باقيدارن خلاف آپريشن ڪندي رهتون ادا نه ڪندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سيپڪو عملي شهر جي مختلف علائقن ۾ رهتن جي اوڳاڙي لاءِ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشنز ڪاٽيا ويا.

آپريشن دوران سيپڪو عملدارن بجلي جون رهتون ادا نه ڪندڙ چئن ڄڻن کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو.

شهرين سيپڪو جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته واڌو بل اماڻيا پيا وڃن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو جي زيادتين جو نوٽيس وٺي، واڌو بل اماڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*