آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري ۽ گهر شماري جي مدد لاءِ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Bajwa-27117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري ۽ گهر شماري جي  مدد لاءِ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته، پاڪ فوج جا 2 لک جوان آدمشماري دوران مقرر ڪيا ويندا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ مارچ دوران شروع ٿيندڙ گهر شماري ۽ آدمشماري ۾ مدد لاءِ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

بيان موجب پاڪ فوج جا 2 لک جوان آدمشماري ۽ گهرشماري  جي مختلف مرحلن لاءِ مقرر ڪيا ويندا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، پاڪ فوج سيڪيورٽي جي ٻين ذميوارين کي به ادا ڪندي رهندي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب،ڪراچي آپريشن ۽ ٻيون ذميواريون شامل آهن.

واضح رهي ته، ملڪ ۾  15 مارچ کان آدمشماري ۽ گهرشماري شروع ٿي رهي آهي،جنهن کي مختلف مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*