لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شاگردن تي پوليس تشدد خلاف درخواست داخل ڪئي وئي

لاهور ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس تشدد خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته شاگردن تي تشدد غير انساني عمل ۽ قانون جي خلاف آهي، عدالت ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري.

گذريل ڏينهن لاهور جي ڀاٽي گيٽ واري علائقي ۾ اسڪول بند هئڻ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس تشدد خلاف وڪي اظهر صديق پاران هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته لاهور ۾ پوليس پاران معذورن کانپوءِ معصوم شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي پر ذميوارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

درخواستگذار موجب، معذورن تي احتجاج ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ فرضي طور معطل ڪيو ويو پر بعد ۾ کين بحال ڪيو ويو.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته ٻارڙن تي تشدد ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن شاگردن جي احتجاج تي پوليس جي لٺبازي ۾ 2 شاگرد زخمي ٿي پيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*