اليڪشن ڪميشن ۾ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽرينز جي پڪڙ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن ۾ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽرينز جي پڪڙ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرز جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏنا ويندا.

تجويز ڪيل چونڊ سڌارن تحت پارليامينٽ جي ميمبرن تي اليڪشن ڪميشن جي پڪڙ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميمبرز جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ وارو طريقيڪار به تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

پارليامينٽ ميمبرن کي 30 سيپٽمبر بدران 30 ڊسمبر تائين پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻا پوندا، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن پهرين جنوري کان تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جا نالا شايع ڪندي.

16 جنوري تي تفصيل فراهم نه ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي 60 ڏينهن تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي ميمبرشپ رد ڪرڻ جا اختيار هوندا.

پارليامينٽ ميمبرز 30 ڏينهن تائين اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*