حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ٽن ججن جا نالا ڏئي ڇڏيا

حڪومت، مستقل چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي، جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀگوان داس ۽ جسٽس رٽائرڊ اجمل ميان جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته اجمل ميان جي نالي تي کين اعتراض آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو.

قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم پاران چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ کين 3 نالا ڏنا ويا آهن، جن ۾ جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي، جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀگوان داس ۽ جسٽس رٽائرڊ اجمل ميان شامل آهن.

هن چيو ته جسٽس رٽائرڊ ميان اجمل قانون وارو سيڪريٽري رهي چڪو آهي، تنهنڪري کين اجمل ميان جي نالي تي اعتراض آهي.

خورشيد شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت اڄ شاهه محمود قريشي ۽ آفتاب شيرپائو سان ملاقات ڪري مشاورت ڪئي ويند،ي جڏهن ته اي اين پي ۽ فاٽا جي چونڊيل نمائندن سان به رابطو ڪيو ويندو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ايم ڪيو ايم لڳ ڀڳ حڪومت سان گڏ نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري متحده کي راضي ڪرڻ حڪومت جو مسئلو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ سان مقرري ٿي وڃي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مستقل چيف اليڪشن ڪمشنر اچي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*