سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ حڪومت کان اڳ ڪراچي جون حالتون انتهائي خراب هيون

qaim ali shah cm

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ حڪومت کان اڳ ڪراچي جون حالتون انتهائي خراب هيون، هاڻي امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي.

خيرپور جي آءِ بي آي سينٽر ڪميونٽي ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ آپريشن ڪري دهشتگردن کي ڪنهن حد تائين ختم ڪيو آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي آپريشن بابت اڌ خرچ  ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن وقت تائين هڪ روپيو به ناهي ڏنو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي.

اڳوڻي وڏي وزيرقائم علي شاهه چيو ته سندس وڏ وزارت دوران رڳو خيرپور ۾ نه پر پوري سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا.

قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ سندس حڪومتي دور ۾ 11 يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*