سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته ڏسون ته آزاد عدليه پاناما ليڪس ڪيس ۾ نواز شريف خلاف ڪهڙو فيصلو ڏئي ٿي

Shehla-raza

سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته ڏسون ته آزاد عدليه پاناما ليڪس ڪيس ۾ نواز شريف خلاف ڪهڙو فيصلو ڏئي ٿي،  پاڻي ورڇ ۾سنڌ سان ناانصافي ٿي  رهي آهي، پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي.

حيدرآباد ۾ عرفان گل مگسي جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهلا رضا چيو عدالت نواز شريف خلاف ڪڏهن به فيصلو نه ٻڌايو آهي، هاڻي پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، ڏسون ته عدالت پاناما ڪيس ۾ نواز شريف خلاف ڪهڙو فيصلو ٻڌائي ٿي.

شهلا رضا چيو ته پاڻي جي 91 واري ٺاهه تي عمل نه ٿي رهيو آهي، پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، پنجاب پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، پاڻي معاملي تي وفاق سان ڳالهايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*