حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائله رند ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انيس خاصخيلي کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جديشل رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ATC-HYD-13117

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائله رند ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انيس خاصخيلي کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جديشل رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  جوابدار جي فون جديد آهي، جنهن جي ڊيٽا ڊي ڪوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نائله رند ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گرفتار جوابدار انيس خاصخيلي کي عدالت ۾پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي جوابدار جي رمانڊ ۾ واڌ ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته ڪيس جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدار جي موبائل فون جديد هجڻ سبب ڊيٽا ڊي ڪوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي.

عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدار انيس خاصخيلي جي رمانڊ ۾ ٽيون  ڀيرو واڌ ڪندي کيس وڌيڪ 10 ڏينهن جي جديشل رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*