پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سياست ۾ سندس مقابلو نواز شريف سان ئي آهي

Imran-Khan-Pti-21117

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سياست ۾ سندس مقابلو نواز شريف سان ئي آهي، پاڪستان ۾ تعليم ۽ راندين کي ڪا به اهميت نٿي ڏني وڃي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سندن حڪومت پهريون ڪم گرائونڊ ٺاهڻ شروع ڪيو، جيئن نوجوانن کي راندين جون سهولتون ملي سگهن.

هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ اسٽيڊيم ٺاهيا ويندا، ڇاڪاڻ ته اتان جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي.

عمران خان چيو ته رانديون نوجوانن کي غلط ڪمن کان روڪين ٿيون، ماڻهو جنهن فيلڊ ۾ هوندو آهي ان ۾ ئي مقابلو ڪندو آهي.

هن چيو ته ورزش ماڻهو کي پوڙهو ٿيڻ کان روڪي ٿو، ان حوالي سان آفريدي کي ڏٺو وڃي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته انسان پنهنجو وقت صحيح نموني سان استعال ڪري اهو ئي ڪامياب ٿئي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*