ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران رڳو تختي لڳائڻ جو شوق آهي

pervais elahi

ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران رڳو تختي لڳائڻ جو شوق آهي.

گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ اسپتالون خالي آهن، جتي مريضن کي ڪي به صحت جون سهولتون ناهن.

هن چيو ته رڳو لاهور شهر ۾ روڊ ٺهي رهيا آهن، صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪم نظر نه اچي رهيو آهي.

چوڌري پرويز الاهي چيو ته حڪمران اورنج لائين ذريعي ڪرپشن ڪري ڊالر گڏ ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته نواز ليگ حڪومت ۾ عوام روزگار ۽ تعليم جهڙي زيور کان کان به محروم آهي.

چوڌري پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته نواز حڪومت جي دشمني ملڪ جي هارين سان آهي، کين ڪي به سهولتون ناهن مليون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*