ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ چئن مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ چئن مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عامر خان ۽ ٻين مٿان نائن زيرو تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان ۽ ٻين خلاف دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عامر خان ۽ منهاج قاضي پيش ٿيا.

عدالت ڪيس ۾ چئن مفرور جوابدارن رئيس مما، عمران نيازي، شهزاد ملا ۽ عمران ملا کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عامر خان ۽ ٻين مٿان دهشتگردن کي نائن زيرو تي پناهه ڏيڻ جو الزام آهي، جنهن جو ڪيس عزيز آباد ٿاڻي تي داخل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*