سنڌ هاءِ ڪورٽ افغانين، ايرانين ۽ ٻين ملڪن جي 77 شهرين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ افغانين، ايرانين ۽ ٻين ملڪن جي 77 شهرين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عبدالقدير جي 2 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عبدالقدير جي ضمانت  واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عبدالقدير جي 2 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

جوابدار عبدالقدير کي افغانين، ايرانين ۽ ٻين ملڪن جي 77 شهرين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري الزام هيٺ گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*