سبي ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جي انجڻ ۽ ٽريڪ جو 2 فوٽ حصو متاثر ٿي ويو

سبي ويجهو دشت واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي انجڻ ۽ ٽريڪ کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ بلوچستان کان سنڌ ويندڙ ٽرينن کي ڪوئيٽا ۽ پنجاب کان سنڌ ويندڙ ريل گاڏين کي سبي ۾ روڪيو ويو آهي.

دشت واري علائقي ۾ ڪوئيٽا کان راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس گذري رهي هئي ته ٽريڪ تي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب ٽرين جي انجڻ کي نقصان پهتو.

ڊي ايس ريلوي موجب، ڌماڪي سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، ٽريڪ جو 2 فوٽ حصو متاثر ٿيو آهي، جنهن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ٻي انجڻ گهرائي جعفر ايڪسپريس کي روانو ڪيو ويندو.

ڊي ايس ريلوي موجب، ڌماڪو جعفر ايڪسپريس جي گذرڻ وقت ٿيو پر ڊرائيور ايمرجنسي بريڪ لڳائي ٽرين کي روڪي وڏي نقصان کان بچائي ورتو.

ڌماڪي کانپوءِ بلوچستان کان سنڌ ۽ پنجاب ويندڙ ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي، بولان ۽ اڪبر ايڪسپريس کي ڪوئيٽا ۽ پنجاب کان سنڌ ويندڙ ريل گاڏين کي سبي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.

ڊي ايس ريلوي موجب، جعفر ايڪسپريس کي روانو ڪرڻ بعد ٽرينن جي اچ  وڃ بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*