بدين ۾ پوليس مئل جانورن جوگوشت وڪرو ڪندڙشخص کي گرفتار ڪري گوشت سان ڀريل سوزوڪي قبضي ۾ وٺي ڇڏي

murda gosht

بدين ۾ پوليس مئل جانورن جوگوشت وڪرو ڪندڙشخص کي گرفتار ڪري گوشت سان ڀريل سوزوڪي قبضي ۾ وٺي ڇڏي،پوليس  جوابدر خلاف ڪيس داخل ڪري و رتوآهي.

 پوليس شهر ۾کوسڪي روڊ تي ڇاپو هڻي مئل جانور جو گوشت وڪري لاءِ کڻي ويندڙ مالڪ کي سوزڪي ۾ پيل گوشت سميت گرفتار ڪري ورتو.

 گرفتار ٿيل طاهر محمود ملڪ تي بدين جي ماڊل ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آر داخل ڪئي وئي آهي.

ايس ايڇ او موجب جوابدار طاهر سان گڏ هڪ ٽولو آهي، جيڪو بيمار ۽ مئل جانور سستي اگھه ۾ خريد ڪري انهن جوگوشت بدين، شادي لارج،حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ وڪرو ڪري ٿو.

 جوابدار طاهر موجب سوزوڪي ۾ مئل جانور جو گوشت نه هو، پر هو بيمار مينهن  کي ذبح ڪري حيدآباد وڪري لاءِ کڻي وڃي رهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*