غوثپور ويجهو ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 مسافر زخمي ٿي پيا

gospur road hadsa

غوثپور ويجهو ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو آهي.

غوثپور ويجهو ڳڙهي لاڙي وٽ تيز رفتاري سبب مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عطاءُ الرحمان اعواڻ، عبدالستار، جمن سومرو، خان پٺاڻ ۽ سلمان خاتون زخمي ٿي پيا.

زخمين کي اڳ ۾ غوثپور اسپتال ۽ بعد ۾ شڪار پور اسپتال منتقل ڪيو، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*