هڱورجا مان 39 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل ڪائونسلر جي پٽ فياض ڏاهري جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ۽ فنڪشنل ليگ پاران نائين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي

hingorja

هڱورجا مان 39 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل ڪائونسلر جي پٽ فياض ڏاهري جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ۽ فنڪشنل ليگ پاران نائين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي.

گم ٿيل نوجوان جي وارثن ۽ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن فياض ڏاهري جي پي محمد علي ۽ سڪندر ڏاهري جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪندي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪار سوار اڻڄاتل ماڻهن 39 ڏينهن  اڳ نوجوان کي کنڀي گم ڪيو پر ان جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه پيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان فياض ڏاهري کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*