قمبر ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ هئڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي آهي

kamber

قمبر ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ هئڻ خلاف  عوامي تحريڪ ۽  شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري  بک هڙتال ڪئي آهي.

عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين قمبر جي شهيد ڀٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گيس جو پريشر گهٽ ۽ لوڊشيڊنگ سبب رڌ پچاءُ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري گيس جو پريشر وڌايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*