وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ساڍن ٽن سالن دوران ڪنهن کي به غائب نه ڪيو ويو آهي

Ch-Nisar-121216

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته  ساڍن ٽن سالن دوران ڪنهن کي به غائب نه ڪيو ويو آهي، گم ٿيل ماڻهو خير خيريت سان پنهنجن گهرن ۾ پهچي چڪا آهن، آمريڪا پاڪستانين جي ويزا تي پابندي لڳائي ته ان سان دهشتگرد نه پر دهشتگردي سٽيل ماڻهو متاثرٿيندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلمانن تي آڱريون کڄي رهيون آهن ، ڪجهه سئو ماڻهن جي عمل کي سڀني مسلمانن سان نه ڳنڍيو وڃي.

هن چيو ته آمريڪا پاڪستانين جي ويزا تي پابندي لڳائي ته ان سان دهشتگرد نه پر دهشتگردي سٽيل ماڻهو متاثرٿيندا.

چوڌري نثار چيو ته دنيا ۾ ڪجهه هزار ماڻهو دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن.

چوڌري نثار چيو ته ڪنهن شهري کي گم ڪرڻ ن ليگ حڪومت جي پاليسي نه آهي ۽ ساڍن 3 سالن دوران ڪنهن کي به گم نه ڪيو ويو آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ايندڙ 3مهينن دوران وڌيڪ 14پاسپورٽ آفيسز کوليون وينديون  ۽ خبر نه آهي ته عمران پاسپورٽ واري ڳالهه ڪهڙي مقصد سان ڪئي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته ڊان ليڪس جي رپورٽ اچڻ بعد ئي ان تي ڳالهائي سگهان ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*