صدر ممنون حسين نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

mamnon-hussain-30117

صدر ممنون حسين  نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي  آهي، وزيراعظم نوازشريف محمد زبير کي گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، محمد زبير جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ميئر کي اختيار ملڻ گهرجن، ڪراچي ترقي ڪندو ته ملڪ ترقي ڪندو..

نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،صدر ممنون حسين  گورنر جي مقرري واري سمري تي  صحيح ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 48ڪلاڪن اندر نئين گورنر جي حلف کڻڻ جا امڪان.

محمد زبير هڪ ملاقات دوران ان ڳالهه جي  تصديق ڪئي ته سنڌ جي گورنر لاءِ سندس  نالو تجويز ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته، ڪراچي جي ميئر کي اختيار ملڻ گهرجن، اختيار لوڪل گورنمنٽ جو بنيادي حق آهي ۽ اهو مسئلو گڏجي حل ڪنداسين.

محمد زبير جو چوڻ آهي ته،ڪراچي جي ترقي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ممڪن نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*