تيل ۽ گئس واري رگيوليٽري اٿارٽي اوگرا پئٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ 4 رپيا واڌ جي تجويز پيش ڪئي آهي

Pakistan-Petrol-ogra-30-7

تيل ۽ گئس واري رگيوليٽري اٿارٽي اوگرا پئٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ 4 رپيا واڌ جي تجويز پيش ڪئي آهي،جڏهن ته گاسليٽ جو في ليٽر 16 رپيا واڌ ڪرڻ به سفارش ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان اوگرا پاران سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي.

اوگرا پاران پئٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري موجب پيٽرول 4 رپيا، لائيٽ ڊيزل 12 رپيا 53 پئسا ۽ هاءِ آڪٽين 12 رپيا 37 پئسا مهانگو ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته گاسليٽ جو في ليٽر 16 رپيا مهانگو ڪرڻ جي به تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

اوگرا جو موقف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهه ۾ تيزي آيل آهي، تنهنڪري تيل جي شين جي اگهه ۾ واڌ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*