اسلام آباد پهتل فلسطيني صدر محمود عباس اڄ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقاتون ڪندو

Abbas-Muhammad--Nawaz-sharif-31117

اسلام آباد پهتل فلسطيني صدر محمود عباس اڄ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقاتون ڪندو، فلسطيني صدر ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو هو.

صدر محمود عباس پهرين فيبروريءَ تائين پاڪستان ۾ ترسندو، جتي هو وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين سميت ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.

فلسطيني صدر اسلام آباد ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو جو پڻ افتتاح ڪندو، صدر محمود عباس جو پاڪستان جو هي ٽيون دورو آهي.

فلسطيني صدر محمود عباس اسلام آباد ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن صدر ممنون حسين آجيان ڪئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*