سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف داخل سمورن ڪيسن کي قانوني قرار ڏيندي ڪيس ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف داخل سمورن ڪيسن کي قانوني قرار ڏيندي ڪيس ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي نظربندي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهر واري سندس نظربندي خلاف دروست ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته رينجرز ڊاڪٽر عاصم حسين کي غير قانوني طر گرفتار ڪري نطر بند ڪيو.

عدالت اڄ درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو ته رينجرز جا خصوصي اختيار هاڻي ختم ٿي ويا آهن، تنهنڪري درخواست تي ٻڌڻي مان ڪهڙو فائدو.

چيف جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف داخل ڪيل سمورا ڪيس قانوني آهن، تنهنڪري اهي ختم نه ٿا ڪري سگهجن.

  عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جا ڪيس ختم ڪرڻ بابت ٻيهر درخواست داخل ڪرڻ جي صلاح ڏيندي وفاق کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*