وزيراعظم نواز شريف شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ اڄ رياض روانو ٿيندو

وزيراعظم نواز شريف، سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ اڄ رياض روانو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم سعودي بادشاهه جي لاڏاڻي تي گِهرَي ڏک جو اظهار  ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ سٺي دوست کان محروم ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سعودي بادشاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڪنهن به وقت سعودي عرب روانا ٿيندا.

هوڏانهن سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي وفات تي صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ متحده سربراهه الطاف حسين ڏک جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته شاهه عبدالله جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ سٺي دوست کان محروم ٿي ويو آهي.

نواز شريف چيو ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شاهه عبدالله جو هڪ خاص مقام هو.

هُن چيو ته هِن ڏکي گهڙي ۾ پاڪستاني قوم شاهي خاندان ۽ سعودي عوام سان گڏ آهي.

واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف گذريل هفتي خاص طور تي شاهه عبدالله جي عيادت لاءِ سعودي جو دورو پڻ ڪيو هو.

شاهه عبدالله جي وفات تي امريڪي صدر براڪ اوباما ۽ جارج ڊبليو بش پاران پڻ ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

فلسطيني صدر محمود عباس شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي وفات تي گِهرَي ڏک جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*