پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر معين خان چيو آهي ته اظهر علي جي ون ڊي ٽيم ۾ جاءِ نٿي ٺهي ۽کيس ڪپتان مقرر ڪيو ويو

Moin-Khan-31-7

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر معين خان چيو آهي ته اظهر علي جي ون ڊي ٽيم ۾ جاءِ نٿي ٺهي ۽کيس ڪپتان مقرر ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته قومي ون ڊي ٽيم جي قيادت لاءِ سرفراز احمد بهترين چوائس آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ اظهر علي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ جو اوپنر ون ڊي ٽيم جو حصو به نه هو ۽ کيس ڪپتان مقرر ڪيو ويو.

معين خان چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ کي هاڻي کپي ته اظهر علي کي وڌيڪ وقت ڏيڻو آهي يا کيس ٽيم مان فارغ ڪرڻو آهي.

معين خان چيو ته سرفراز احمد هن وقت ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ سندس ڪارڪردگي کي ڏسندي کيس ٽنهي فارميٽ جي قيادت ڏيڻ کپي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*