ايندڙ مهيني پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا, پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان

PCB-shahryar-khan-261016

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته ايندڙ مهيني پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريارخان چيوته آسٽريليا هٿان شڪست سان مايوسي ٿي آهي، پر هڪ سيريز جي نتيجن تي ٽيم ۾ گهڻيون تبديليون نٿيون ڪري سگهجن.

پي سي بي چيئرمين چيو ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتانن جي تبديلين جو آپشن موجود آهي، پر جلد بازي ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ جو ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ٽائم گهريو آهي ۽ هو پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪندو.

هن چيو ته مصباح الحق ۽ اظهر علي جي تبديلين جي حُوالي سان فيصلو ڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڪيو ويندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هوته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن جي حوالي سان دبئي ۾ رٿيل پي ايس ايل دوران مصباح الحق، اظهر علي ۽مڪي آرٿر سان مشورو ڪندس،جنهن بعد ٽيم ۾ تبديليون ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*