ملڪ ۾ توانائي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چين پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ مدد ڪري رهيو آهي, پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف

Shahbaz-Sharif-26117

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ توانائي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چين پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ مدد ڪري رهيو آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان ۾ 50 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، چين پنهنجا قرض معاف به ڪيا آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ پاڪ فوج جو به ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڪردار اهم آهي.

شهباز شريف چيو ته سياسي مخالف سندن نه پر ملڪ جا سڄڻ ناهن، ضرورت پوڻ تي سندن ڪرپشن کي عدالت ۾ ثابت ڪيو ويندو.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ملڪي خزاني کي بيدردي لٽيو ۽ ڦريو ويو، هاڻي ائين نه ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*