ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ 15 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪنراڻي-جکراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڌريون راضي ٿي ويون آهن ۽ اتفاق ڪيو ويو آهي ته 26 فيبروي تي ڌريون فيصلو ڪنديون

Kandhkot

ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ 15 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪنراڻي-جکراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڌريون راضي ٿي ويون آهن ۽ اتفاق ڪيو ويو آهي ته 26 فيبروي تي ڌريون فيصلو ڪنديون.

صوبائي مير هزار خان بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڌُرين وٽ ويو، جتي ڌرين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي ٺاهه تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.

چيو پيو وڃي ته ڌريون 26 فيبروي تي ٺاهه لاءِ راضي ٿي ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ جلد مشير واريا ويندا.

ياد رهي ته ڪنڊراڻي-جکراڻي جهيڙي دوران هيل تائين 15 ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.

ميڙ منٿ قافلي ۾ صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا شريڪ هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*