ٺٽو-سجاول پل بند هئڻ کي جواز ڄاڻائي سجاول جي واپارين عام واهپي جي جن شين جا اگھه وڌايا هئا

Sujawal-Wapri-31117

ٺٽو-سجاول پل بند  هئڻ کي جواز ڄاڻائي سجاول جي واپارين عام واهپي جي جن شين جا اگھه وڌايا هئا، دولهه درياهه خان پل کلڻ باوجود اُهي اگهه نه گهٽيا آهن.

سجاول ۾ هن وقت به پيٽرول، ڊيزل، سيمنٽ ۽ ڀاڻ  جا اگهه ٺٽي جي ڀيٽ ۾ گهڻا آهن.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي سجاول، بدين  ۽ ٿر سان ڳنڍيندڙ سنڌو درياھ جي دولھه درياھ خان پل کي 21 مهينن تائين وڏين گاڏين لاءِ بند ڪري نئين پل ٺاهي وئي، انهي عرصي دوران واپارين عام واهپي جي جن شين جا اگهه وڌايا هئا، اُهي اڄ به ساڳي ئي ليول تي آهن.

هن وقت ٺٽي ۾ پيٽرول في ليٽر 68 روپيه50 پيسه جڏهن ته سجاول ۾ پيٽرول في ليٽر 69 روپيه 80 پيسه وڪامي رهيو آهي، ڊيزل ٺٽي ۾ 77 روپيه 70 پئسه ۽ سجاول ۾ 79 روپيه 30 پئسا، ڀاڻ جي في ٻوري جو اگھه ٺٽي ۾ 1400 روپيه جڏهن ته سجاول ۾ 1500 روپيه، سمينٽ في ٻوري ٺٽي ۾ 530 روپيه ۽ سجاول ۾ 560 روپيه وڪامي رهي آهي، اهڙي ريت لوھه، زرعي دوائن، کنڊ، گيهھ ۽ چانهھ سميت مختلف عام واهپي جي شين جا اگهھ ٺٽي کان سجاول ۾ وڌيڪ ورتا پيا وڃن، جنهن ڪري  غريب عوام تي مهانگائي جو بار پئجي رهيو آهي.

سجاول واسين مطالبو ڪيو آهي ته سجاول ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه ضابطي هيٺ آندا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*