ٽنڊو ڄام جي اوڏ ڪالوني اندر 15 ڏينهن کان گئس بند هجڻ خلاف رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن توا هٿ ۾ کڻي سئي گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

TandoJam-GAS-Loadsheding-Protest-31117

ٽنڊو ڄام جي اوڏ ڪالوني اندر 15 ڏينهن کان گئس بند هجڻ خلاف رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن توا هٿ ۾ کڻي سئي گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سئي گئس انتظاميه پاران ٽي غير قانوني ڪنيڪشن هٿ ڪرڻ بعد اوڏ ڪالوني جي گئس سپلاءَ بند ڪئي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙ اڪبر ڀٽي، معشوق چانڊيو، سلطان اوڏ ۽ ٻين سئي گئس آفيس ٽنڊو ڄام آڏو توا هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته اوڏ ڪالوني ۾ هڪ سو کان وڌيڪ گهر آهن جيڪي سئي گئس جو بل ادا ڪن ٿا جڏهن ته ٽن غير قانوني ڪنيڪشنز کي بهانو بڻائي سڄي ڪالوني جي گئس بند ڪرڻ نا انصافي آهي.

هنن چيو ته ڪالوني جا اڪثر ماڻهو مزدوري ڪندا آهن جيڪي پندرهن ڏينهن کان هوٽل تي ماني کائڻ تي مجبور آهن.

هنن ايم ڊي سئي گئس ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اوڏ ڪالوني اندر فوري طور تي گئس سپلاءِ بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*