ميرپور خاص ۾ قتل ڪيس اندر سزا ٻڌايل پيپلز پارٽي جي روپوش ڪارڪن جنيد بلند گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

Mir-Pur-Khas-map-27117

ميرپور خاص ۾ قتل ڪيس اندر سزا ٻڌايل پيپلز پارٽي جي روپوش ڪارڪن جنيد بلند گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، عدالتي حڪم تي جنيد بلند کي جيل حوالي ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جنيد بلند کي 2005 ۾ متحده جي ڪارڪن اسلم شيخ کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿيو، بعد ۾ عدالت ۾ ڪڏهن به نه ويو، جنهن ڪري سندس غير موجودگي ۾ کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

اڄ جنيد بلند پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪيو، جنهن کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت جي حڪم تي کيس وري جيل موڪليو ويو.

جنيد بلند انهي ڪيس ۾ اڳواٽ ئي ڇهه سال قيد به ڀوڳي چُڪو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*