حافظ سعيد بابت فيصلو حڪومت جو آهي، حڪومت هميشه ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ فيصلو ڪندي آهي،ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور

Asif-Gahfoor-31117

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو  آهي ته، حافظ سعيد بابت فيصلو حڪومت جو آهي، حڪومت هميشه ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ فيصلو ڪندي آهي،ڊان ليڪس بابت جاچ جاري آهي ان بابت حڪومت جلد آگاهه ڪندي، بلاگرز جي گم ٿيڻ سان پاڪ فوج جو ڪو به تعلق نه آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، حافظ سعيد بابت رياستي ادارن گڏجي فيصلو ڪيو آهي، وڌيڪ هڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪنداسين،لاڳاپيل آفيس حافظ سعيد بابت وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندي.

سندس چوڻ آهي ته مسنگ پرسن آهستي آهستي آزاد ٿي رهيا آهن،بلاگرز جي گم ٿيڻ سان پاڪ فوج جو ڪو تعلق نه آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڊان ليڪس بابت جاچ ٿي رهي آهي، جلد صورتحال اڳيان اچي ويندي ان حوالي سان اجايون ڳالهيون نه ڪيون وڃن.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن سبب امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي، آپريشن دوران رينجرز جا 33 جوان شهيد ٿيا آهن.

هن چيو ته افغانستان سميت خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر آهي، بلوچستان ۾ ڪاميابي جي سفر ۾ بلوچ ڀائرن جون وڏيون قربانيون شامل آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور  چيو ته پاڪستان جو هر شهري پنهنجي پنهنجي مورچي جو سپاهي آهي، سرحدي ڀڃڪڙي ٿي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ باقي رهيل دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪومبنگ آپريشن جاري رهندو، دهشتگردرن جو مڪمل خاتمون چاهيون ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو ڪيو، جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ملڪ جي قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*