سنڌ جي وڏي وزير مراد عليشاهه ڪراچي جي چڙيا گهر جو دورو ڪري جانورن کي ڏني ويندڙ خوراڪ ۽ اتي ٿيندڙ صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو

Cm-Sindh-Murad-Ali-Shah---MQM-Waseem-Zoo-Visit-12117

سنڌ جي وڏي وزير مراد عليشاهه ڪراچي جي چڙيا گهر جو دورو ڪري جانورن کي ڏني ويندڙ خوراڪ ۽ اتي ٿيندڙ صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو، وڏي وزير چيو آهي ته چڙيا گهر جي صفائي سٿرائي سميت ٻين معاملن تي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ جي نامزد گورنر سان بهتر لاڳاپا آهن.

وڏي وزير سيد مراد عليشاهه چڙيا گهر جو دورو ڪري اتي جانورن کي ڏني ويندڙ خوراڪ ۽ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عليشاهه چيو ته چڙيا گهر کي عالمي معيار مطابق ٺاهينداسين.

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي نئين نامزد گورنر سان سندس سٺا لاڳاپا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته ٻارن کي بهتر تفريح فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، شهر مان حددخليون هٽائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي چڙيا گهر کي بهتر بڻائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ اُتي نوان جانور به آندا ويندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*