جسٽس شيخ عظمت سعيد جي بيماري سبب پاناما ليڪس بابت درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

Supreme-Azmat-12117

جسٽس شيخ عظمت سعيد جي بيماري سبب پاناما ليڪس بابت درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته سومر تي به ٻڌڻي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي صحتيابي تي دارومدار آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڊاڪٽرن جسٽس شيخ عظمت سعيد کي 3 کان 4 ڏينهن نگراني ۾ رهڻ جو چيو آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته سڀئي ماڻهو دعا ڪن ته جسٽس شيخ عظمت سعيد جلد صحتياب ٿي وڃي.

جسٽس کوسا چيو ته گذريل ڏينهن دل جي تڪليف سبب جسٽس شيخ عظمت سعيد کي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.

پاناما ليڪس بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ  5 رڪني بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس شيخ عظمت سعيد سامل آهن، ان ڪري درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*