قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه انضام الحق جو چيو آهي ته ٽيم جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي تبديليون ڪيون وينديون

Inzemam-Ul-Haq-12117

 قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه انضام الحق جو چيو آهي ته ٽيم جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي تبديليون ڪيون وينديون، عمر اڪمل هجي يا حفيظ يا عامر سڀني جي سليڪشن ڪارڪردگي ڏسي ڪئي ويندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضام الحق چيو ته ٽيم جي سليڪشن ڪرڻ ميڊيا جو ڪم نه آهي، اهو فيصلو سليڪٽر کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته ڪپتان جي تبديلي پي سي بي چيئرمين جو اختيار آهي.

انضام الحق چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوشش آهي ته جن ڪرڪيٽرز 15-15سال ملڪ جي نمائندي ڪئي آهي، انهن کي با عزت طريقي سان الوداع ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته سلمان بٽ يا محمد آصف يا ٻيو ڪو ڪرڪٽر،جنهن به سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو هوندو، ان جو جائزو ورتو ويندو.

انضمام الحق وڌيڪ چيو ته ون  ڊي ڪرڪيٽ لاءِ اهڙي رانديگر جي تلاش آهي،جنهن جو اسٽرائيڪ ريٽ وڌيڪ هجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*