پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين جاويد ميانداد چيو آهي ته آسٽريليا هٿان بري شڪست بعد صرف ڪپتان جي تبديلي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪوبه اثر نه پوندو

javed-miandad-PCB-12117

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين جاويد ميانداد چيو آهي ته آسٽريليا هٿان بري شڪست بعد صرف ڪپتان جي تبديلي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪوبه اثر نه پوندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته  آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز ۾ ٽيم جي بري شڪست بعد صرف ڪپتان جي تبديلي سان ڪارڪردگي ۾ ڪابه بهترين نه ايندي.

هن چيو ته شڪست جو زميوار ڪپتان کي قرار ڏيڻ صحيح نه آهي، سمورن رانديگرن سان گڏ ڪوچنگ اسٽاف ۽ سليڪشن ڪميٽي کي شڪست جي زميواري قبول ڪرڻ گهرجي.

جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته هاڻي سلڪيشن ڪميٽي کي پوري ايمانداري سان ٽيم جي سلڪيشن ڪرڻ گهرجي ۽صرف اهڙن رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي گهرجي جن سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيوته اظهر علي هٽائي، جيڪڏهن سرفراز احمد کي ڪپتان مقرر  ڪيو وڃي ته کيس با اختيار ڪپتان هجن کپي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*