اسلام آباد جي عدالت گهريلو ملازمه طيبه تشدد ڪيس ۾ او ايس ڊي جج راجا خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر جي عبوري ضمانت ۾ 10 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي

Tayba-Case-1217

اسلام آباد جي عدالت گهريلو ملازمه طيبه تشدد ڪيس ۾ او ايس ڊي جج راجا خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر جي عبوري ضمانت ۾ 10 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طيبه ۽ سندس والدين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج راجا آصف جي عدالت ۾ طيبه تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار راجا خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته چالان جلد پيش ڪيو ويندو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طيبه ۽ سندس والدين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي راجا خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ضمانت جي ضمانت ۾ 10 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ طيبه تشدد ڪيس جي ٽرائل وارو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منتقل ڪري ڇڏيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*