بنگل ديري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي

larkana-Map05-8

بنگل ديري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي، ٽئي هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ٻڌايا پيا وڃن.

بنگل ديرو باءِ پاس وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته وقفي وقفي سان اُهي به گذاري ويا.

پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد بخش، محمد بچل ۽ فيض محمد مارجي ويا، ٽئي لولائي برادري سان واسطو رکندڙ ۽ هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ٻڌايا پيا وڃن.

مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*