سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير چيو آهي ته پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي

Muhammad-Zubair-Umar-1217

سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير چيو آهي ته پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي،  ادارا به مضبوط ٿي رهيا آهن، 3 سال اڳ ڪراچيءَ جي معيشت ۽ امن تباهه هو، جنهن کي وفاقي سرڪار بحال ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي نئين نامزد گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچي ۾ معاشي سرگرميون تيزي سان وڌي رهيون آهن.

هن چيو ته ٽي سال اڳ ڪراچي جي امن ۽ معيشت ٻئي تباهه هيون، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ انتهاپسندي به اوج تي هئي.

محمد زبير جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾10منٽن جي نوٽيس تي ڪراچي جيڏو وڏو شهر بند ٿي ويندو هو پر هاڻي پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن.

محمد زبير جو چوڻ هو ته ڪراچي  شهر ۾ هاڻي معاشي سرگرميون به بحال ٿي ويون آهن.

سنڌ جو نئون نامزد گورنر محمد زبير سڀاڻي شام جو چئين وڳي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*