قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو

National-Assembly-3816

 قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ٽرمپ انتظاميه پاران مسلمان شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي خلاف حڪمتي عملي  بابت قرارداد جمع ڪرائي ۽ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران شهرين ڏانهن 62 ارب روپين جا واڌو بل موڪلڻ خلاف علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. .

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خاص هدايت تي اسد عمر، شيرين مزاري، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ٻين ميمبرن قرارداد قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو.

قرارداد جي متن ۾ مسلمان شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي واري عمل کي تعصب ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.

قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته ٽرمپ انتظاميه جي فيصلي سان عالمي سطع تي نفرت وڌندي ۽ وڇوٽيون پيدا ٿينديون.

قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته پاڪستاني حڪومت کي عالمي سطع تي آمريڪا ۾ مسلمانن جي داخلا تي پابندي واري معاملي کي کڻڻ گهرجي.

قرارداد جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستاني حڪومت کي آمريڪا سان ٻن طرفن لاڳاپن ۾ پابندي واري معاملي کي پڻ کنيو وڃي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر ساجد احمد چيو ته ڪي اليڪٽرڪ واڌو بل موڪلي شهرين جا 62 ارب روپيا هڙپ ڪيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام جو لٽيل پئسو واپس ڪرايو وڃي، حڪومت ڪي اليڪٽرڪ اڳيان بيوس نظر اچي رهي آهي.

ساجد احمد وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان هر سال وفاقي حڪومت کي 2 هزار ارب روپيا ملن ٿا پر شهر واسين جو حال وٺڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*