سپر ماڊل ايان علي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف سنڌ هائيڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

ayan-ali

سپر ماڊل ايان علي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف سنڌ هائيڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان ستين فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ايان علي جي وڪيل سنڌ هائيڪورٽ جي 10 ڏينهن بعد ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري حڪم تي عمل نه ڪرائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته 10 بدران 12 ڏينهن گذري ويا آهن پر سندس اصيل جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ اهڙي درخواست تي وفاقي حڪومت، گهرو کاتي جي سيڪريٽري، ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان ستين فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ايان علي تي غير قانوني طور تي پيسا پرڏيهه کڻي وڃڻ ۽ مني لانڊرنگ جو ڪيس هلندڙ آهي، جنهن دوران سنڌ هائيڪورٽ سندس نالو 10 ڏينهن کانپوءِ اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو، ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ به بحال رکيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*