سيڪنڊ جڊيشل ماجسٽريٽ لاڙڪاڻي جي عدالت سي آءِ اي پوليس پاران هٿ ڪيل هڪ ناريءَ کي وومين ٿاڻي لاڙڪاڻي تي منتقل ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي آهي

larkana-dhakhan-map21-8

سيڪنڊ جڊيشل ماجسٽريٽ لاڙڪاڻي جي عدالت سي آءِ اي پوليس پاران هٿ ڪيل هڪ ناريءَ کي وومين ٿاڻي لاڙڪاڻي تي منتقل ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته سڀاڻي ناري ۽ ڪيس جي جيل ۾ قيد ٻن شاهدن کي عدالت آڏو پيش ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي.

سي آءِ اي پوليس سميرا ڌيءُ الطاف جاگيراڻي کي سيڪنڊ جڊيشل ماجسٽريٽ ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، سميرا گذريل پنج مهينن کان گهران فرار هئي، سندس والده جي ايف آءِ آر تي سي آءِ اي پوليس کيس هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

چيو پيو وڃي ته سميرا باڊهه جو رهواسي مور چانڊيو سان پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ پنج مهينا اڳ گهران فرار ٿي هئي، سميرا جي والده مسمات انور خاتون جي رشيد وڳڻ ٿاڻي تي فرياد کانپوءِ پوليس کيس هٿ ڪيو.

سميرا کي سيڪنڊ جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سي آءِ اي پوليس کي حڪم ڪيو ته انهي ڪيس ۾ رجب چانڊيو ۽ مختيار خاتون جيڪي جيل ۾ آهن، انهن کي به سڀاڻي ڇوڪريءَ سان گڏ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن بيان رڪارڊ ڪري سگهجن.

عدالت سڀاڻي تائين سميرا جاگيراڻي کي وومين ٿاڻي جي حفاظتي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*